شيخ اياز املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، ھو پري آ پري آ پري آ پري جيءَ ھو يا جھڳو، داءُ پنھنجو لڳو، جيت ڇا ھار ڇا ، ڪير پٺتي وري آء ُ ! رابيل مرجهائجن ٿا پيا، ڪا سڳنڌ آھ جنھن جي نه تو بن سري مڌ ڪھڙو به آھي، ڪلالو! ڏيو، رات گھنگھور آ، ڪيئن به ٽاڻو ٽري اي اياز اينٿرا، تو ته پايل ٻڌي ! پير سوچي ته رک ، ڌر تتيء تي ڌري
شاعر : ابراهيم منشي هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ،ڀاڳن جي ڀري آهي، ڏس ڪهڙو ڏکڻ گھليو ٿيا ماڪ ڦڙا موتي ۽ويس وڻن ڍڪيو ،پن پنهنجا ڪري پوتي وري آ تو ورائڻ لاءِ واهوندي وري آهي... ڏس سنگ هو سارين جا، ڪيئن ڪنڌ نمائن ٿا ۽ هير هلورن تي ڇا ،ساز سڻائن ٿا ڄڻ سهڻي سنڌو مان ،آئي تا تري آهي.! مايا نه مڏي مون وٽ، ماڙيون نه ڪي محلاتون سائو ويس ڍڪيو ڌرتي ،وٺيون ٿر بر برساتيون اڏي تو لاءِ اسان پيارا ،پکڙي جي ڏري آهي ... اهڙي ۾ ... ڇا اڀ ڇمر ڇايو، رت ائي بسنتي آ جٽ جوڙ ٿيا جوڀن ، هر من ۾ مستي آ هر ڪنهن سان هتي منشي ، پنهنجي حور پري آهي.....